شروعات
ھتي ڪجھ بہ نٿو ٿئي۔ نہ ڪجھ سنواريو ويندو، نہ ڪجھ ڊاٺو ويندو۔ ڪا تفسير رستي ۾ نہ آھي۔ ڪو نتيجو نہ آھي۔ ھي لفظن جي ان ڌاڳي جو کليل ڇيڙو آھي جيڪي ڪنھن وقت آواز ھئا۔ اھي آواز جيڪي ڪنھن وقت ڪائنات جي ھِتان ھُتان گونجندا رھيا، خلا جي ڪنھن ڪنڊ ۾، يا شايد رڳو ڪنھن انسان جي تصور جي ڪنھن ڪنڊ ۾۔ ھاڻي جڏھن ھي سٽون اوھان جي اکين اڳيان لنگھي رھيون آھن، تہ انھن آوازن جي توانائي گھڻو اڳ ختم ٿي چڪي آھي، ۽ ورقي تي رڳو انھن جو ڦٽل عڪس رھجي ويو آھي۔ سڀ خاموش ٿي ويا آھن۔ سڀ آواز، ۽ شايد اھا سموري دنيا بہ، پنھنجن ماڻھن سميت۔ ٿي سگھي ٿو تہ اھو ذھن بہ، جنھن ھڪ ڏينھن اھي آواز ورقي تي لاٿا ھئا، گھڻي وقت کان ساھ نہ کڻي رھيو ھجي۔ جيئن ھيءُ پل — اُھو پل جنھن ۾ اوھان ھي جملو پڙھيو — گذري ويو، تيئن ئي ھن ڪتاب جا سڀ پل گذري چڪا آھن۔ اھي پل ۽ منظر جيڪي دنيا جي واقعن جي بيچين ھنگامي ۾ گم ٿي وڃن ھا، جيڪڏھن ھتي لکيا نہ وڃن ھا۔ اھي ھِن لاءِ لکيا ويا تہ منھنجي دنيا ۽ اوھان جي دنيا جي وچ ۾ ھڪ پُل بڻجن۔ ھڪ پُل منھنجي دنيا کان — اُن پل ۾ جڏھن مان ھي جملا لکي رھيو آھيان — اوھان جي دنيا تائين — اُن پل ۾ جڏھن اوھان انھن کي پڙھڻ ويھو ٿا۔ ھِن پاسي کان مان لفظن جو ڌاڳو کولي رھيو آھيان، ۽ اُن پاسي کان اوھان ان کي سميٽي رھيا آھيو۔ جيئن ننڍپڻ ۾، جڏھن مامان پراڻن ڪپڙن جي اُن کوليندي ھئي، ۽ اسان ڌاڳو کڻي گھر اندر ڦرندا ھياسين تہ جيئن اُن ڍير نہ ٿئي۔ شايد اوھان جو نسل اُن جي ان دنيا کان ڪجھ ورھيہ پوءِ آيو ھجي، پر ذرا تصور ڪريو: ڪنھن وقت، دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾، ٻارن جي راند ائين ئي ھوندي ھئي۔ ھاڻي مان لفظن جو ڌاڳو کوليان ٿو ۽ اوھان ان کي کڻي پنھنجي دنيا ۾ کڻي وڃو، تہ جيئن ھتي، منھنجي دنيا ۾، اھو ڍير نہ ٿئي۔